سيد محمد شاهه مست

سيد محمد شاهه مست: نامور صوفي بزرگ ۽ عالم سيد محمد شاهه مست جو تعلق ضلعي قنبر شهدادڪوٽ نصيرآباد جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي سان هو. سندس وڏا ايران جي شهر بخارا مان بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ آيا ۽ نصير آباد لڳ ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ۾ رهائش پذير ٿيا. هن بزرگ جي والد جو نالو سيد اسماعيل شاهه هو. قادري سلسلي جي روحاني پيشوا سيد محمد شاهه مست جي درگاهه نصيرآباد کان اتر طرف 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هن صوفي بزرگ جي درگاهه تي مسلمانن کان سواءِ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مريد سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان اچن ٿا، جن ۾ عرب امارات ۽ سعودي عرب شامل آهن. روايت موجب هڪ دفعي ڪو ضرورتمند ماڻهو وٽس آيو ۽ چيائين ته آءٌ نياڻيءَ جو نڪاح ڪرايان ٿو، مون وٽ ڏاج جا پئسا ڪونه آهن، ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪريو. تڏهن فقير کيس چيو ته ٻه ڏينهن ترسي پوءِ پئسا کڻي وڃجانءِ. اهو ماڻهو ٻه ڏينهن ترسيو، پر هن وٽ پئسا ڪونه ٿيا، تڏهن هن ضرورتمند کي چيو ته مون کي وٺي هلي ڪنهن وٽ وڪرو ڪري ضرورت جا پئسا حاصل ڪر، پوءِ ان ماڻهوءَ هن بزرگ کي 300 روپين ۾ ڳوٺ صادق جي رهواسين وٽ وڪرو ڪيو، جيڪي ٻن ڏينهن کانپوءِ کيس واپس ڇڏي ويا. درگاهه ’ مست تي هڪ کوهه آهي، جنهن بابت عام ويساهه آهي ته بيمار ماڻهو ان کوهه جو پاڻي پيئڻ سان شفاياب ٿئي ٿو (والله علم!). سيد محمد شاهه مست پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو به قائم ڪيو، جيڪو اڄ به موجود آهي، جتان ڪيترائي عالم ۽ حافظ ٿيا، هن بزرگ جو ڏهاڙو هر سال 2 محرم تي سادگيءَ سان ملهايو ويندو آهي.


لفظ سيد محمد شاهه مستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو